پلي رحم علي

پلي، رحم علي: رحم علي ولد خير محمد پلي، ڳوٺ لطف الله حسناڻي پلي، تعلقي عمرڪوٽ جو رهواسي هو. زميندار هئڻ سان گڏ صحافت ۾ ڪافي حصو ورتائين. ’الوحيداخبار جو اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ ڪجهه وقت انچارج ايڊيٽر به رهيو. صوفي صادق سومري جي پونئير، صوفي فقير روشن الدين جو ڪجهه وقت لاءِ مئنيجر به رهيو. صوفي روشن الدين جي صحبت ۾، سندس ان دؤر جي اهم سياسي شخصيتن سان ڪافي ملاقاتون ٿيون، خاص ڪري ’هارون خاندان‘ ۽ ’ولي ڀائي خاندان‘ جي فردن سان سندس ويجھا لاڳاپا قائم رهيا. رحم علي پليءَ جي سياسي ۽ سماجي مضمونن جو هڪ مجوعو، نامور اديب معمور يوسفاڻيءَ جي لائبرريءَ ۾ موجود آهي. رحم علي پليءَ، 1951ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو